ٻريا رنگ رتول (ڪتاب)

ٻريا رنگ رتول (ڪتاب)

ٻريا رنگ رتول

ٻريا رنگ رتول (ڪتاب ):هي ڪرائون سائيز جي 132 صفحن تي مشتمل ڪتاب، مزاحمتي شاعر افضل قادريءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو ’رنگ رتول'>ٻريا رنگ رتول‘ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي پاران 8 مئي 1977ع تي ڇاپي پڌرو ڪيو ويو هو. هن ڪتاب تي ”سون تي سهاڳ“ عنوان سان نالي واري ڪهاڻيڪار سليم ڪورائيءَ جو مهاڳ لکيل آهي. ڪتاب ۾ وايون، غزل، ترائيل، سانيٽ، ٽيڙو، لوڪ گيت، نظم، آزاد نظم شامل آهن. ڪتاب جو پيش لفظ منظور بلوچ لکيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو